نون صوبن جي معاملي تي حڪومت سان ڳالهيون نه ٿيون آهن: راڻا

نون صوبن جي معاملي تي حڪومت سان ڳالهيون نه ٿيون آهن: راڻا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته نون صوبن جي معاملي تي حڪومت سان ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي. جيڪي وفاقي وزير نوان صوبا ٺاهڻ چاهين ٿا اهي ڪو فارمولو لکت ۾ پيش ڪن. هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال جو معاملو ته صرف ڪراچي تائين محدود آهي، عوامي سطح تي صوبن بابت ڪابه ڊيمانڊ سامهون نه آهي سواءِ هزاره صوبي جي ٻئي ڪنهن به هنڌ تي عوام مطالبو نه ڪري رهي آهي.راڻا ثناٽالله چيو ته عليم خان نون صوبن بابت ڪوبه منصوبو پيش نه ڪري سگهيو آهي، صرف ڳالهيون ڪرڻ يا پوڊ ڪاسٽ ڪرڻ سان ته صوبا نٿا بڻجي سگهن.هن چيو ته نون صوبن جي حوالي سان اڃان تائين ڪوبه پلان ناهي ٺاهيو ويو، ڪو چئي رهيو آهي ته 12 صوبا هوندا، ڪو 32 ته وري ڪو 20 چئي رهيو آهي ڇا ڪو ماڻهو صرف خيالي طور تي اهو چئي سگهي ٿو ته ملڪ ۾ هاڻ ائين ٿيڻ گهرجي؟ هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال جو معاملو ته صرف ڪراچي جي حد تائين آهي، عوامي سطح تي صوبن بابت ڪابه مشهور ڊيمانڊ نه آهي. سواءِ هزار صوبي جي ڪٿي به عوام مطالبو نه ڪري رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته هلندڙ ڏينهن ۾ مسلم ليگ(ن) جي اعليٰ قيادت نون صوبن بابت ڪابه ڳالهه ناهي ڪئي، اسان جي اها سوچ آهي ته عام ماڻهو جا مسئلا انهن جي گهر آڏو حل ٿيڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو