اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عدالت نور مقدم قتل ڪيس جي مک جوابدار ظاهر جعفر کي موت جي سزا ٻڌائي آهي. ٻن شريڪ ملزمن جميل ۽ افتخار کي ڏهه ڏهه سال قيد جي سزا ڏيندي ٻين گهريلو ملازم جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.اسلام آباد جي سيشن جج عطا رباني 22 فيبروري تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. ياد رهي ته ملزم ظاهر جعفر پنهنجي پاڙيسري ۽ ننڍپڻ جي دوست نور مقدم کي شادي کان انڪار ڪرڻ تي پنهنجي ايف سيون واري گهر ۾ بيدردي سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو هو. 20 جولاءِ 2021 تي پيش آيل هن واقعي بعد پوليس جوابدار کي آله قتل سان گڏ رنگي هٿن سان گرفتار ڪيو هو. ملزم ظاهر جعفر جو والد وڏو ڪاروباري شخص آهي، نور مقدم اڳوڻي سفارتڪار شوڪت مقدم جو والد آهي جنهن ڪيس جي پيروي ڪندي ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو. هن عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ انصاف مليو آهي، نقصان جو ازالو ته ممڪن ناهي پر ملزم کي مليل سزا تي مطمئن آهيون. عدالت 19 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ۽ ڊجيٽل ثبوت به هن ڪيس ۾ شامل هئا. ياد رهي ته مک جوابدار چريو هجڻ ۽ دماغي توازن ٺيڪ نه هجڻ جو ڊرامو ڪندو رهيو هو.










