نور جهان جي ساڙهي پائڻ خوش قسمتي آهي،بشرا انصاري

نور جهان جي ساڙهي پائڻ خوش قسمتي آهي،بشرا انصاري

لاهور(ويب ڊيسڪ)شوبز انڊسٽري جي سينئر اداڪارا ۽ گلوڪاره بشرا انصاري جو چوڻ آهي ته هوءَ ميڊم نور جهان جي ساڙهي پائي تمام گهڻي خوش قسمت محسوس ڪري رهي آهي.اداکارا بشريٰ انصاري پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هن ميڊم نور جهان جي ساڙهي پاتي آهي.بشريٰ انصاري جي تصوير جي پويان ميڊم نور جهان جي هڪ تصوير آهي جنهن ۾ هن ساڳي ساڙهي  آهي جيڪا بشرا انصاري هن وقت پائي رهي آهي.اداڪاره پنهنجي تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته ”ميڊم نور جهان جي ساڙهي پائڻ مون کي ڏا ڍي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ، اها ساڙهي مون کي نور جهان جي ڌيئرن پاران تحفي طور ڏني وئي آهي“.بشريٰ انصاري ميڊم نور جهان جي ٽن ڌيئرن نازيه ، شازيه ۽ مينا جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هوءَ انهي خوبصورت تحفي بابت تمام گهڻي جذباتي آهيهن وڌيڪ چيو ته اها ساڳي ساڙهي آهي جيڪا ميڊم نور جهان کي پاتل آهي.بشريٰ انصاري پنهنجي مداحن کي ٻڌايو ته ميڊم نور جهان جي 20 هين ورسي جي موقعي تي آئون ان کي خاص خراج تحسين پيش ڪريان ٿي، جيڪي منهنجي يوٽيوب چينل تي ڏسي سگهو ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو