حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد مان مختيارڪار جي گهر مان ڳلي ۾ گولي لڳل نوجوان جو لاش هٿ اچڻ واري معاملي بعد لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو. جنهن سبب ڪراچي ڏانهن ايرندڙ ويندڙ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. مبينا قتل ٿيل نوجوان عثمان سومرو جي وارثن ۽ مائٽن پاران باءِ پاس تي ڌرڻو ھنيو ويو. مظاهرين سخت نعريبازي ڪندي مختيارڪار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ مطالبو ڪيو. روڊ کولائڻ لاءِ پوليس اٽالا پهتا ۽ خاطري بعد روڊ کولرايو. مڇريل ماڻهن پاران پوليس سان چڪرين بعد مختيار ڪار ماجد خاصخيلي جي گهر تي ڪاهه ڪئي وئي، مڇريل ماڻهن جي تشدد ۾ مختيارڪار ماجد خاصخيلي ۽ ايس ايڇ او سوڌو 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. نوجوان جي والد محمد اسماعيل جو چوڻ آھي تھ مختيارڪار جي ڀاءَ واجد خاصخيلي مور پکي جو ٻچو گم ٿيڻ تي پٽ کي ڌمڪيون ڏنيون هيون.محمد اسماعيل وڌيڪ چيو تھ عثمان مختيارڪار ماجد خاصخيلي جي فارم هائوس تي مالهي طور ڪم ڪندو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته مختيارڪار ۽ سندس 2 ڀائر زخمي آهن، ماجد خاصخيلي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن کي وارث ڪراچي کڻائي پيا وڃن.










