لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته نوازشريف جڏهن پاڪستان ۾ هوندو تڏهن چونڊون ٿينديون، جن ڪردارن 2017 ۾ نواز شريف کي تاحيات نااهل ڪيو هو انهن کي بي نقاب ڪري چوڪن تي لٽڪايو وڃي.ماڊل ٽائون لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته جيڪي ڪردار بي نقاب ٿي رهيا آهن يا اهي جيڪي ٽڪيٽون ورهائي سهولتڪاري ڪري رهيا آهن، سهولتڪاري ڪندڙ ڪردارن کي کليل ڇڏيو ويو ته وڌيڪ نقصان ٿيندو. پاڪستان ۾ ٿيندڙ سازشن سان مخالف طاقتن کي فائدو پهچايو ويو.ليگي اڳواڻ چيو ته ڇا آئين ان ڳالهه جي اجازت ڏئي ٿو ته پاڪستان دنيا ۾ بدنام ٿئي؟ معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو وڃي، ڇا پاڪستان اندر جيڪڏهن سازشون ٿينديون رهيون ته انتشار گهٽ ٿي سگهندو؟ ڇا آئين ڪنهن کي ان ڳالهه جي اجازت ڏئي ٿو ته اوهان ڏوهارين کي تحفظ ڏيو؟ جاويد لطيف چيو ته جيستائين اوهان انصاف نه ڪندو، 2017 ۾ ڪيل سازش جو حرجاڻو ادا نه ڪندو، يڪجهتي نٿي ٿي سگهي. جنهن اداري مان سهوليت ختم ٿي وڃي اوهان ان کي مير جعفر، مير صادق سان سڏيو. وقت اچي ويو آهي ته اڄ نه ته پوءِ ڪڏهن به نه، جيڪڏهن اڄ به خاموشي اختيار ڪئي وئي ته انتشار وڌندو ويندو. (ن) ليگ اڳواڻ چيو ته ادارن جو خاموش رهڻ حيرت جوڳي ڳالهه آهي. فل ڪورٽ فيصلو ڪري يا اسپيشل پارلياماني ڪميشن فيصلو ڪري، جيڪي ڪردار 2017 جا هئا اهي قوم کان معافي گهرن. 2017 واري سازش سڀني جي سامهون اچي چڪي آهي ملڪ کي بچائڻو آهي ته پارلياماني ڪميشن هڪ هفتي ۾ انهن ڪردارن کي گهرائي انصاف ڪري ڏيکاري، ادارن ۾ ويٺل ماڻهن کي آئين ۽ قانون جو پابند ڪرڻو پوندو.هن چيو ته ڳالهيون ڳالهيون کيڏڻ جو ڪوبه فائدو نه آهي. آڊيو ليڪس جو نوٽيس ڇو نه ورتو ويو؟ ڇا ڳالهيون نوازشريف کي انصاف ڏئي سگهن ٿيون؟ جيڪڏهن ملڪ کي ڪنهن وڏي حادثي کان بچائڻو آهي ته فل ڪورٽ هڪ هفتي ۾ فيصلو ڏئي يا پارلياماني ڪميشن هڪ هفتي ۾ انهن ڪردارن کي گهرائي انصاف ڪري ڏيکاري.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته فل ڪورٽ فيصلو ڪري يا اسپيشل پارلياماني ڪميشن ٻڌايو وڃي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيندڙ ڪردار ڪهڙا هئا؟ انهن ڦاهي ڏيندڙن کي قبرن مان ڪڍي ڦاهي تي لٽڪايو وڃي.










