نوازشريف جي بصيرت انگيز اڳواڻي ۾ ملڪي ترقي جو سفر جاري رهندو

نوازشريف جي بصيرت انگيز اڳواڻي ۾ ملڪي ترقي جو سفر جاري رهندو

پئرس (ويب ڊيسڪ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو اهي ته ملڪک ان ٻاهر رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي سرمايو ۽ پاڪستان جو فخر آهن ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مسئلن جو حل حڪومت جي پهرين ترجيح آهي نوازشريف جي بصيرت انگيز اڳواڻي ۾ ملڪي ترقي جو سفر جاري رهندو جمعي تي مريم اورنگزيب سان فرانس ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن ملاقات ڪئي وفاقي وزير شاندار استقبال ڪرڻ تي پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن جو شڪريو ادا ڪيو مريم اورنگزيب چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين هميشه وطن جي تعمير ۽ ترقي ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو هن چيو ته پاڪستاني ڪميونٽي پاڪستان ۾ 9 مئي جي واقعن جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪئي ۽ هٿياربند فوج سان ٻڌي جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو