نواز شريف چونڊن کان اڳ پاڪستان ضرور ايندو: راڻا تنوير

نواز شريف چونڊن کان اڳ پاڪستان ضرور ايندو: راڻا تنوير

اسلام آباد (بيورو) تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير چيو آهي ته نواز شريف چونڊن کان اڳ پاڪستان ايندو ۽ چونڊ مهم جي قيادت ڪندو.هڪ بيان ۾ راڻا تنوير چيو ته ڳالهيون جمهوريت ۽ سياست جو حصو آهن، ڇا اسان کي دهشتگردن ۽ ملڪ دشمن عناصر سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.هن چيو ته جيڪڏهن ڳالهين واري ٽيم ڪجهه ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ کي ڇڏي هلي وئي ته ڳالهين ڪنهن سان ٿيندي؟ سپريم ڪورٽ جا معملا افسوسناڪ آهن راڻا تنوير چيو ته آڊيو ليڪس ۾ جنهن تي الزام آهي اهو منصف بڻيو ويٺو آهي .

پهنجو تبصرو موڪليو