نواز شريف بزدل آهي، پاڪستان واپس نه ايندو: عمران خان

نواز شريف بزدل آهي، پاڪستان واپس نه ايندو: عمران خان

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف کي بزدل ۽ بيوقوف شخص قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي آهي ته هو ملڪ واپس نه ايندو. عمران خان 25 سيپٽمبر تي ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي سمورن 9 سيٽن تي ضمني چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان جو چوڻ آهي ته نااهلي کان ڊڄڻ وارو ناهيان ڇاڪاڻ ته تحريڪ انصاف قانوني طريقي سان فنڊ گڏ ڪيا آهن. اڳوڻي وزيراعظم اها به دعويٰ ڪئي ته لانگ مارچ دوران اسان کي چونڊن بابت ڪوڙو يقين ڏياريو ويو. ن ليگ اڳواڻ جي وطن واپسي تي ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته نوازشريف بزدل ۽ آرامده ماڻهو آهي، واپس نه ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو