ننڍي عمر جي شادي، گهوٽ ڪنوار گرفتار، ڪيس داخل

ننڍي عمر جي شادي، گهوٽ ڪنوار گرفتار، ڪيس داخل

جوهي(ن سنڌيار) ڪاڇي جي شھر واهي پانڌي جي ڳوٺ پيربخش لاشاري ۾ ننڍي عمر شادي ڪندڙ گهوٽ جاويد لاشاري, نڪاح پڙهائيندڙ مولوي منظور لاشاري, خيرپور ناٿن شاھ واسڻ ڪنوار شھلا گل جي والد سڪندر لاشاري مٿان  ارلي چائلڊ مئرج ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو, واهي پانڌي پوليس گهوٽ ڪنوار کي ميڊيڪل رپورٽ لاء تعلقه اسپتال آندو, ميڊيڪل رپورٽ ڪرڻ کانپوء واهي پانڌي پوليس گهوٽ ڪنوار کي جوهي جي  فرسٽ سول عدالت ۾ پيش ڪيو, فرسٽ سول ڪورٽ عدالت پاران گهوٽ ڪنوار کي پنج ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو