لاڙڪاڻو(رپورٽ عبدالوحيد ابڙو) سنڌ حڪومت پاران لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج کي نمرتا چنداڻي جي موت جي جاچ لاءِ خط ملي ويو آهي، خط ۾ ڊي سي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي جاچ ۾ جج سان مڪمل تعاون جي هدايت ڪئي وئي آهي. چنداڻي، آصفه ڊينٽل ڪالج جي آخري سال جي شاگردياڻي هئي جيڪا پراسرار نموني هاسٽل جي ڪمري نمبر 47 ۾ مرده حالت ۾ 16 سيپٽمر تي ملي هئي. هوم ڊپارٽمينٽ جي سيڪشن آفيسر اعجاز علي ڀٽي جي صحيح سان جاري ڪيل خط ذريعي عدالت کي درخواست ۽ آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي.

سنڌ حڪومت جو حڪم پنهنجي جاءِ تي پر هندو برادر ۽ سول سوسائٽي جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم يعني جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پوليس سرجن ڊاڪٽر شمس الدين کوسو موجب نمرتا جي ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سندس ڳچي تي گهٽي جو نشان آهي ۽ جسم تي ٻيو ڪو نشان ناهي. هن جو چوڻ آهي ته آنڊن جا جزا روهڙي جي فورينزڪ ليبارٽري ۽ پيٿالوجي ٽيسٽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪالج موڪليون آهن، 4 ڏينهن بعد رپورٽ ملندي. ڊي آءِ جي عرفان بلوچ موجب نمرتا جو ليپ ٽاپ ۽ موبائيل فون پوليس جي تحويل ۾ آهن ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش ان بابت جاچ ڪري رهيو آهي. مسعود بنگش جو چوڻ آهي ته ٻنهي آلن جي فورنزڪ ٽيسٽ لاءِ اهم سيڪورٽي ايجنسي کي مدد لاءِ چيو آهي ۽ رپورٽ ۾ 4 ڏينهن لڳي سگهن ٿا. هن جو چوڻ آهي ته نمرتا جا 2 هم ڪلاسي جاچ لاءِ حراست ۾ ورتا آهن، اهي گرفتار ناهن ڪيا. انهن مان هڪ جي موبائل نمبرتان ايس ايم ايس تي ڪيل چيٽ جا 40 پيغام ڊليٽ ڪيا ويا آهن پر اهي سڀ ڇوڪريءَ جي فون ۾ موجود آهن. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته نمرتا جي فيملي اڃا ڪيس داخل ناهي ڪرايو. هوڏانهن ڪراچي، سکر، حيدرآباد، ميرپور خاص، لاڙڪاڻي ڊويزنن جي مختلف شهرن ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڌرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ملزمن کي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي.










