مورو(مورائي اياز سولنگي) پوليس شھر جي درس بائي پاس تي هڪ جاءِ تي ڇاپو هڻي نقلي بوتلون ۽ مشروبات ٺاهيندڙ ٻن جوابدارن امجد ملڪ ۽ اقبال ڀٽي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان نقلي بوتلون ٺاھڻ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪئميڪل گيس سلينڊر بالٽيون ڊم ۽ مختلف ڪمپني جون بوتلون وڏي تعداد ۾ هٿ ڪري ورتيون. جوابدارن ۽ هٿ آيل سامان کي مورو ٿاڻي تي آندو ويو جتي سندن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ايس ايڇ او مورو محسن رضا جنڊاڻ صحافين کي ٻڌايو ته ڄاڻايل جوابدار وڏي عرصي کان نقلي بوتلون ۽ مشروبات ٺاهي مختلف دڪانن تي کپائيندا هئا جيڪي بوتلون استعمال ڪيو وينديون هنيو اهي اصلي هيون ۽ هي انهن ۾ نقلي مشروبات استعمال ڪري وڪرو ڪندا اچن پيا. هنن جو وڏو گروھ آھي جاچ جو دائرو وسيع ڪري ملوث جوابدارن کي قانون گرفت ۾ آندو ويندو۔










