نفسياتي ۽ ذهني مريضن لاءِ اهم اڳڀرائي، سائيڪاٽري ڪلينڪ جو افتتاح

نفسياتي ۽ ذهني مريضن لاءِ اهم اڳڀرائي، سائيڪاٽري ڪلينڪ جو افتتاح

اسلام ڪوٽ(ن س) ضلعي ٿرپارڪر ۾ نفسياتي بيمارين جي علاج ۽ ذهني صحت جي معاملن لاء ٿر فائونڊيشن جي سهڪار سان سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي ٽيلي سائيڪاٽري ڪلينڪ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. مملڪتي وزير ڊاڪٽر مهيش ملاڻي ۽ سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪريم خواجه ٿر فائونڊيشن اسپتال اسلام ڪوٽ ۾ ٽيلي سائيڪاٽري ڪلينڪ جو افتتاح ڪيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي مملڪتي وزير ڊاڪٽر مهيش ملاڻي چيو ته ٽيلي سائيڪاٽري ڪلينڪ جي شروعات تمام اهم اڳڀرائي آھي، سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي جي پليٽ فارم تان مجموعي طور پوري صوبي ۾ جڏهن ته خاص طور تي ٿر پارڪر ۾ بهترين ڪم ٿي رهيو آھي، جنھن تي ڊاڪٽر ڪريم خواجه جَس لهڻي، هن چيو ته ٽيلي سائيڪاٽري ڪلينڪ جي شروعات يونين ڪائونسل سطح تان ڪئي وڃي ۽ اسلام ڪوٽ تعلقي جي 9 ئي يونين ڪائونسلز ۾ ڪيمپون لڳايون وڃن، هن وڌيڪ چيو ته ڪوشش ٿيڻ گهرجي ته سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي، ٿر فائونڊيشن ۽ انڊس اسپتال سان گڏجي نفسياتي بيمارين جَي ماهر ڊاڪٽر کي مستقل بنياد تي مقرر ڪيو وڃي.تقريب کي خطاب ۾ چيئرمين سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي ڪريم خواجه چيو ته هي سفر ٿر فائونڊيشن سان گڏجي 2019 ۾ شروع ٿيو، ڏکڻ ايشيا ۾ آپگهات ڪندڙن جو نفسياتي پوسٽ مارٽم ڪٿي به ناهي ٿيو، اهو پهريون ڀيرو ٿرپارڪر ضلعي ۾ ٿي رهيو آھي، ذهني مريضن جو نفسياتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ واري عمل ۾ ٿر فائونڊيشن ۽ ٻين ادارن جو ڀرپور سهڪار رهيو آھي، ٿر فائونڊيشن ۽ صحت کاتي ٿرپارڪر جي سهڪار سان 200 کان وڌيڪ صحت واري عملي جي تربيت ڪرائي وئي آھي، جنھن ۾ ڊاڪٽرز ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز پڻ شامل آهن، ٽيلي سائيڪاٽري ڪلينڪ شروع ڪرڻ سان ٿرپارڪر جي ماڻهن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد وڃڻ جي ضرورت نه پوندي، نفسيات جا ماهر ڊاڪٽر ٽيلي ڪلينڪ ذريعي مريضن جو علاج ڪري سگهندا، ٽيلي سائيڪاٽري ڪلينڪ سان ٿر جي ماڻهن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو، ٽيلي سائيڪاٽري ڪلينڪ تان ريفر ٿيل مريضن کي سر ڪائوسجي انسٽيٽيوٽ ۾ داخل ڪيو ويندو.ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي وائيس پريزيڊنٽ اظهر ملڪ چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٽيلي سائيڪاٽري ڪلينڪ جي شروعات ڪئي پئي وڃي، جيڪو انتهائي اهم قدم آھي، جنھن جو ڪريڊٽ ڊاڪٽر ڪريم خواجه ڏانهن وڃي ٿو، ٿرپارڪر ۾ ذهني مرضن جي علاج لاء ٿر فائونڊيشن جو سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي سان مڪمل سهڪار جاري رهندو، جنرل منيجر ٿر فائونڊيشن فرحان انصاري آجياڻي دوران خطاب ڪيو ۽ چيو ته ٿرپارڪر ۾ ذهني صحت جي مسئلن ۾ مبتلا مريضن جي پريشانين کي ڏسندي سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي کي ڀرپور سهڪار فراهم ڪيو ويو ته جيئن ذهني مرضن جو علاج يقيني بڻائي سگهجيتقريب دوران مملڪتي وزير ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ،ڊاڪٽر ڪريم خواجه، وائيس پريزيڊنٽ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني اظهر ملڪ، سشيل ملاڻي ۽ ٻين ٿر فائونڊيشن جِي ٽيم، صحت کاتي جي لاڳاپيل ملازمن، ليڊي هيلٿ ورڪرز ۾ مڃتا سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا تقريب کي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر هرچند راء ۽ ڊاڪٽر شنڪر وانڪواڻي پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ سشيل ملاڻي،گھنشام داس، ڊاڪٽر شنڪر وانڪواڻي، ڪلديپ پارواڻي، جنرل مئنيجر سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني فياض سومرَي، ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي، جنيد انصاري ،مبشر سومري، فياض شيخ، يعقوب بابر، ڪامران شيخ، هرجي لال، رشنا ضمير، عبدالحميد مهيري، احسن سرهندي، ٿر فائونڊيشن اسپتال جي عملي، ڊاڪٽرز ۽ وڏي انگ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو