اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رات جو پارٽي ميمبرن کي چيو ته صبح جو مون کي نااهل ڪري ڇڏيندو.پنهنجي وڊيو بيان ۾ عمران خان چيو ته مافيا پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، 25 مئي تي پوليس بيگناهه شهرين تي تشدد ڪيو، منهنجي ۽ شهباز گل تي دهشتگردي جا ڪيس به داخل ڪيا ويا.هن چيو ته پاڪستان ۾ ايتريون وڏيون ريليون ڪڏهن به ناهن ٿيون، مون کي اڳ ۾ ئي خبر هئي ته نتيجو ڇا نڪرندو، رات جو مون پارٽي ميمبرن کي چيو ته صبح نااهل ٿي ويندس، مون سڀني ميمبرن کي واٽس ايپ ذريعي ٻڌايو.هن چيو ته سياسي پارٽيون خانداني پارٽين ۾ ڦاٿل آهن، نواز شريف ۽ مون کي هڪ طرف ڏيکاريو پيو وڃي، نواز شريف چور آهي، سندس ٻارن جا وڏا محل آهن، مان ڪرڪيٽ کيڏندو هو، مون 34 سال اڳ فليٽ خريد ڪيو هو. حلال پئسن سان هڪ فليٽ وڪرو ڪري پاڪستان آندو.عمران خان چيو ته منهنجي سڄي زندگي انهن چورن سان وڙهڻ لاءِ آهي، اليڪشن ڪميشن مافيا جو حصو آهي، جيستائين جيئرو آهيان ساڻن وڙهندس.هن چيو ته مان عوام کي چوان ٿو ته احتجاج ختم ڪيو وڃي.










