ناميارو صحافي سيد اختر شاهه بخاري لاڏاڻو ڪري ويو

ناميارو صحافي سيد اختر شاهه بخاري لاڏاڻو ڪري ويو

گھوٽڪي(ن سنڌيار) اينٽي ڪالا باغ ڊيم موومينٽ جو چيئرمين، ناميارو صحافي، اديب محقق ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ويجهو ساٿي سيد اختر بخاري  74  ورهين جي ڄمار ۾ شوگر ۽ بلڊ ڪينسر سبب سول اسپتال سکر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي جتي طبيعت انتهائي ناساز هئڻ سبب هڪ مهيني کان داخل هو،  سنڌي ادب، صحافت، سماجي خدمت ٿوڙي سياست جي ميدان ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏيندڙ مرحوم سيد اختر بخاري پنهنجي پويان ٻھ پٽ آٽو ڊويزنل اليڪٽرڪ انجنيئر سيد اسد الله شاه ، ميڪينيڪل انجنيئر آمريڪا سيد سيف الله شاه ، ٻھ نياڻيون ۽ بيوه سوڳوار ڇڏيا آهن، واضح رهي ته ماٿيلو مومل جي ماڙي جي مشهور ماهرِ تعليم سيد نياز محمد شاه جو قابلِ فخر فرزند سيد اختر بخاري ضيائي آمريت خلاف جمهوري جدوجهد ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان شريڪ هو جڏهن ته صحافت جي ميدان ۾ سيد امير بخاري سان گڏجي ھفتيوار پرھ ڦٽي جاري ڪيائين جنهن نوجوانن جي علمي، ادبي، صحافتي توڙي سياسي تربيت ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو ، سيد اختر بخاري سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو جو ميمبر هئڻ سان گڏ ماٿيلو مومل جي ماڙي جي تاريخي آثارن سميت ضلعي گهوٽڪي جي ثقافتي ورثي جي تحفظ جي تحريڪ جو پڻ سرپرست هو جڏهن ته سندس ڪوششن جي نتيجي ۾  ماٿيلو مومل جي ماڙي ۾ شاندار ميوزيم جو قيام عمل ۾ آيو جنهن جو افتتاح سينيٽر سسئي پليجو ڪيو هو ، پنهنجي جنم ڀومي ماٿيلو مومل جي ماڙي سميت پوري علائقي جي سماجي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ باوجود سيد اختر بخاري هميشه هٿ ٺوڪيل ڀوتارڪي سسٽم جي اک جو ڪنڊو رهيو، هن گهوٽڪي ضلعي جهڙي فرسوده جاگيرداري نظام ۾ علم، ادب، ڏاهپ ۽ شعور جون مشعلون روشن ڪيون

پهنجو تبصرو موڪليو