ٻيلو شھر(رپورٽ شعيب الرحمان)نامعلوم چور واپاري عبدالقادر ملاح جي ريزڪي دوڪان جي ڇت ٽوڙي دڪان مان ٽيهه ھزار جو قيمتي سامان ۽ ويهه ھزار روڪ رقم کڻي ويا. واپاري قادر ملاح ٻڌايو ته صبح جو دوڪان کولڻ پهتس ته دوڪان جي ڇت کليل ڏٺي ۽ سامان کنيل ڏٺو واپاري ٻيلو پوليس کي اطلاع ڪيو ٻيلو پوليس واقعي واري جا۽ پهچي واپاري کان تفصيل ورتا ايس ايڇ او ٻيلو ٻڌايو ته جانچ ڪري چور گرفتار ڪري واپاري سان انصاف ڪيو ويندو.










