لاهور (ويب ڊيسڪ)ماڊل ۽ اداڪاره نازش جهانگير کي پنهنجي پرڏيهي دورن دوران بولڊ لباس پائڻ ۽ بولڊ انداز اختيار ڪرڻ تي تنقيد جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.اداڪارا انسٽاگرام تي انڊونيشيائي سياحتي مقام بالي جي دوري دوران ورتل وڊيوز ۽ تصويرون شيئر ڪيون، جنهن تي صارفين طرفان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.اداڪارا پاران تصويرون شيئر ڪرڻ کان پوءِ، صارفين کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ سندس مذهب ۽ مسلمان هجڻ تي به تنقيد ڪئي.سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن اداڪاره جي لباس ۽ انداز کي نامناسب قرار ڏيندي لکيو ته هن کي پنهنجي مذهب جو خيال رکڻ گهرجي ها.










