نارٿ ناظم آباد ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي، واقعو غلط فهمي قرار

نارٿ ناظم آباد ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي، واقعو غلط فهمي قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته نارٿ ناظم آباد ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اهو واقعو غلط فهمي جي نتيجي ۾ پيش آيو.پوليس موجب سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ سان ٻئي ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي گارڊ کي اونداهيءَ ۾ ڏسي زخمي ماڻهو خوفزده ٿي ويا ۽ ڊوڙڻ لڳا، جنهن تي سيڪيورٽي گارڊ کي لڳي ٿو ته فرار ٿيل 2 ڄڻا ڌاڙيل آهن، ان ڪري هن مٿن فائرنگ ڪئي.تيموريه ٿاڻي جي حد ۾ سڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.زخمين جي سڃاڻپ 17 ورهين جي سليم ۽ 20 ورهين جي مبشر طور ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو