ناديه افگن ڊرامن تي فوري پابندي جي حمايت ڪري ڇڏي

ناديه افگن ڊرامن تي فوري پابندي جي حمايت ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور سينيئر اداڪارا ناديه افگن ڊرامي جي ڪهاڻين جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته ان تي فوري پابندي لڳائي وڃي. ورسٽائل اداڪارا ناديه افگن تازو ئي هڪ خانگي چينل جي پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي. شو دوران انهن کان پڇيو ويو ته انهن جي خيال ۾ ڪهڙي قسم جي ڊرامن يا ڪهاڻين تي پابندي هئڻ گهرجي ۽ ڪهڙي قسم جا ڊراما پسند نه ٿا اچن. ميزبان جي سوال تي اداڪارا ڪجهه پاڪستاني ڊرامن خاص ڪري اداڪار دانش تيمور جي تازي ڊرامي جو نالو ڀارتي فلم ”ڪبير سنگهه“ سان تشبيهه ڏيندي چيو ته اهڙن ڊرامن تي فوري پابندي لڳائي وڃي، جيڪي اسان جي نوجوان نسل لاءِ غلط آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڊرامن ۾ محبت جو غلط تصور پيش ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي پيار ٿي ويو آهي ته هو ٻئي سان زبردستي ان کي اپنائڻ چاهي ٿو، چاهي ٻيو چاهي يا نه. واضح رهي ته ناديه افگن پنهنجي غير معمولي اداڪاري جي صلاحيتن ۽ فيشن سينس جي ڪري شوبز انڊسٽري ۾ هڪ آئڪن جي حيثيت رکي ٿي، هن جنهن به ڊرامي ۾ اداڪاري ڪئي ان ڊرامي کي مداحن لاءِ وسارڻ ناممڪن بڻجي ويو.ڊرامو چاهي اردو هجي يا پنجابي، ٻنهي ٻولين جي ڊرامن ۾ سندس پرفارمنس شاندار رهي آهي. ڊرامي سيريل سانو چندا ۾ سندس ڪردار ”شاهانه“ تمام گهڻو مشهور ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو