ناديا خان کي پٽ سان گڏ ڊانس ڪرڻ مهانگو پئجي ويو

ناديا خان کي پٽ سان گڏ ڊانس ڪرڻ مهانگو پئجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني سينئر اداڪارا ۽ ٽي وي هوسٽ ناديا خان کي پنهنجي پٽ سان گڏ هڪ هندستاني گاني تي ڊانس ڪرڻ ۾ مهانگو پئجي ويو،ناديا خان تازو ئي پنهنجي خاندان سان گڏ هڪ مهندي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. اداڪارا هڪ خوبصورت نيرو مهندي لباس پهريو جڏهن ته سندس پٽ ڪارو لباس چونڊيو، ناديا خان پنهنجي سوشل اڪائونٽ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ پنهنجي پٽ سان گڏ هندستاني گاني ‘سينوريتا’ تي ڊانس ڪري رهي آهي.اداڪارا جي هن ڊانس وڊيو کان پوءِ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن طرفان کيس تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي،ياد رهي ته تازو ئي ناديا خان ڳائڻي طلحه انجم تي هندستاني جهنڊو لھرائڻ تي سخت تنقيد ڪئي هئي، جنهن جي ڪري ناديا خان کي نه رڳو عوام پر شوبز انڊسٽري جي فنڪارن پاران به تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو