نئون قائد ايوان ڪير؟ شهباز ۽ قريشي آمهون سامهون

نئون قائد ايوان ڪير؟ شهباز ۽ قريشي آمهون سامهون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن، جنهن ۾ پي ٽي آءِ طرفان شاهه محمود ۽ متحده اپوزيشن پاران شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن. مليڪا بخاري پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان وزيراعظم جي عهدي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا. پاڪستان تحريڪ انصاف جو قومي اسيمبلي ميمبر زين قريشي به پارليامينٽ هائوس پهچي ويو ۽ چيو ته ميدان خالي نه ڇڏيو وڃي. هن چيو ته اهو پارٽي جو فيصلو آهي ۽ اهو فيصلو پارٽي کي ڪرڻو آهي ته قائد ايوان جي عهدي لاءِ ڪنهن کي نامزد ڪيو وڃي.جانچ پڙتال اڄ مڪمل ڪئي وئي آهي، نئين قائد ايوان جي چونڊ سڀاڻي منجهند 2 وڳي گهرايل اجلاس ۾ ٿيندي ۽ چونڊيل قائد ايوان بعد ۾ وزيراعظم طور حلف کڻندو. ان بعد ڪجهه وزير به حلف کڻندا ۽ بعد ۾ ڪابينا ۾ واڌ سڀني جي مشاورت سان ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو