نئين قائد ايوان جي چونڊ اڄ ٿيندي، شهباز ۽ قريشي ۾ مقابلو

نئين قائد ايوان جي چونڊ اڄ ٿيندي، شهباز ۽ قريشي ۾ مقابلو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) قومي اسمبلي ۾ نئين قائد ايوان جي چونڊ اڄ منجهند ٿيندي جنهن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. عدم اعتماد ۾ 174 ميمبرن جي حمايت سان هٽايل عمران خان جي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف پاران چونڊ لاءِ شاهه محمود قريشي ۽ گڏيل اپوزيشن پاران مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف پاران نامزدگي فارم ڪالهه داخل ڪيا ويا هئا جيڪي درست قرار ڏنا ويا هئا. اجلاس کان اڳ ٻنهي ڌرين جي پارلياماني پارٽين جا اجلاس به سڏايا ويا آهن. نئون چونڊيل قائد ايوان بطور وزيراعظم حلف کڻندو.

پهنجو تبصرو موڪليو