حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو ۽ ايڊووڪيٽ مير پرويز دائودپوٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ جي دل ۽ تختگاه ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري نئون صوبو ٺاهڻ جون سازشون سٽيندڙ قبضاگير مافيا ۽ دهشتگردن کي عالمي سامراج آمريڪا جي پٺڀرائي حاصل آهي. ڪراچي کي سنڌ کان جدا ڪرڻ جو مقصد پاڪستان کي ڪمزور ڪري ملڪ کي ٽوڙڻ جي عالمي سازش آهي. ڪراچي سنڌ جو اڻ ٽٽ حصو آهي، سنڌي عوام پنهنجي ڌرتي جي انچ انچ جي حفاظت ڪندو. عالمي سامراجي قوتون پاڪستان ۾ خانا جنگي ڪرائڻ چاهين ٿيون جنهنڪري انهن سندن پالتو دهشتگردن ذريعي سنڌ جي وحدت تي حملا ڪرائي ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي سازش سٽي آهي. پاڪستان هڪ وفاقيت آهي، جنهن ۾ سنڌي، بلوچ، پشتون، سرائيڪي ۽ پنجابي قومون رهن پيون. قومن جون قومي ملڪيتون ڦٻائيندڙ قبضاگيرن ملڪ تي قبضو ڪيو آهي. 1940ع جي قرارداد تحت سنڌ پاڪستان ۾ شامل ٿي جنهن ۾ اسان کي يقين ڏياريو ويو ته سنڌ هڪ انتظامي يونٽ نه پر هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست هوندي. سنڌ اسيمبليءَ 1943ع ۾ قرارداد پاس ڪري هڪ خودمختيار رياست جي حيثيت ۾ هڪ وفاقي ملڪ ۾ شموليت ڪئي جنهن جي نتيجي پاڪستان ٺهيو. سنڌ اسيمبليءَ جي قرارداد کانسواءِ پاڪستان جو ٺهڻ ممڪن نه هو. ملڪ جي باني صوبي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جون سازشون ڪندڙ ملڪ دشمن قوتن جا ايجنٽ آهن. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته بلديا فيڪٽري ۾ مزدورن کي جيئرو ساڙيندڙ، 12 مئي، 18 آڪٽوبر ۽ 22 مئي تي ڪراچي ۾ بيگناه ماڻهن کي قتل ڪري، رت جون نديون وهائيندڙ دهشتگردن کي هڪ ڀيرو ٻيهر مچائي مواڙ ڪيو ويو آهي. ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ هاڻي ناڪام تجربا ڪرڻ بند ڪري، پيپلز پارٽي دهشتگردن سان ٺاه ڪري، مٿن داخل قتلن جا ڪيس ختم ڪرائي ملڪ جي امن امان کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. ٻي پاسي شهيد بلال ڪاڪا ڪميٽي جي اڳواڻن اياز ڪاڪا ۽ شهيد بلال ڪاڪا جي ڀاءَ سلام ڪاڪا عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد پهچي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، مرڪزي پريس سيڪريٽري ڪاشف ملاح، سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سميع ابڙو, عرفان لاشاري ۽ اسماعيل گهگهڙ سان ملاقات ڪري کين شهيد بلال ڪاڪا جي پهرين ورسي جي دعوت ڏني، جيڪا 15 جولاءِ تي نيو سعيد آباد ويجهو ڳوٺ فقير محمد ڪاڪا ۾ ملهائي ويندي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن کين ورسي ۾ شريڪ ٿيڻ جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو چيو ته عوامي تحريڪ توهان جي جدوجهد ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندي، شهيد بلال ڪاڪا جي قاتلن کي قانون مطابق سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ آيل افغانين ۽ ٻين پناهگيرن کي اسمگل ٿيل هٿيار رکڻ جي کلي ڇوٽ مليل آهي. سنڌ ۾ رهندڙ غيرملڪي ۽ ٻين صوبن مان آيل اڪثر سرمائيڪارن جو ظاهري ڪاروبار هوٽل، سرن جي بٺي يا ٽرانسپورٽ جو آهي پر ان جي آڙ ۾ هو آساني سان هٿيارن ۽ منشيات جي اسمگلنگ ڪري رهيا آهن. عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس سيڪريٽري ڪاشف ملاح چيو ته جڏهن سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏني ويندي، هٿيارن ۽ منشيات جي اسمگلنگ جي روڪٿام ڪئي ويندي تڏهن ئي سنڌ ۾ امن امان قائم ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي دهشتگرد سنڌ ۾ اچي دهشتگرد ڪاروائيون ڪن ٿا پر انهن کان پڇڻ وارو ڪير به ڪونهي. شهيد بلال ڪاڪا جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻ اياز ڪاڪا چيو ته عوامي تحريڪ پهرئين ڏينهن کان اسان جو ساٿ ڏنو آهي، اسين شهيد جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ پرامن سياسي ۽ قانوني جدوجهد جو دائرو وسيع ڪنداسين. شهيد بلال ڪاڪا جي ڀاء سلام ڪاڪا چيو ته شهيد بلال ڪاڪا جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ تائين اسين سک جو ساه نه کڻنداسين. جيستائين قاتلن کي سزا نٿي ملي اوستائين جدوجهد جاري رکنداسين. هوڏانهن عوامي تحريڪ ضلعي نوابشاه جو اجلاس، پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرن جو فيصلو تفصيلن موجب عوامي تحريڪ ضلعي نوابشاه جو اجلاس، ضلعي صدر امير علي مغيري جي صدارت م ٿي گذريو جنهن ۾ مرڪزي نمائندي ڄام تماچيءَ خصوصي شرڪت ڪئي. ڄام تماچيءَ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. تعليمي علمي رٿا بندي ڪئي وئي. اجلاس ۾ فصيلو ڪيو ويو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ ء آبادگارن کي ڦٽيون جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف دوڙ ء گپچاڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويندا. محمد ابراهيم کوسو سائين عمر ڏاهري ايڊووڪيٽ اميتاز ڏاهري هوش محمد رند قادر بخش سولنگي ۽ ٻين اڳواڻن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.










