ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ن ليگ اڳواڻ راجا خليق انصاري پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ (ن) نون صوبن جي مخالفت ڪري ڇڏي، چيو ته پاڪستان هن وقت نازڪ سياسي، آئيني ۽ معاشي دور مان گذري رهيو آهي، ملڪ کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، راجا خليق محسن نقوي کان بيان واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اهو بيان واپس ورتو وڃي، بلاول صاحب ٿورو سنڌ تي ڌيان ڏيو، اوهانجي ناقص ڪارڪردگي جي ڪري ئي ڪجهه ماڻهو صوبي جو مطالبو ڪري رهيا آهن










