ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اليڪشن کٽي ڪراچيءَ جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيندس، ڪراچي جا ماڻهو ووٽ ڏيندا ته وفاق ۾ به پيپلزپارٽي جي حڪومت هوندي، ڪراچيءَ جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ چاهيان ٿو، بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ چونڊ مهم لاءِ نڪتل ريلي کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته اسان کٽنداسين ته پهريون ڀيرو بلدياتي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت اسان جي هٿن ۾ هوندي،بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ بلاول هائوس مان نڪتل ريلي جي شهر جي مختلف هنڌن تي آجيان، ڪارڪنن پاران گلن جي ورکا، بلاول جي ريلي مختلف علائقن مان ٿيندي ملير جي دائود چورنگي ۾ پڄاڻيءَ تي پهچندي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته(ن) ليگ سان اتحاد مشڪل آهي، مسلم ليگ(ن) ميثاق جمهوريت واري ۽ ووٽ کي عزت ڏيو واري پارٽي ناهي رهي پر هاڻ اها آءِ جي آءِ واري مسلم ليگ آهي. وائس آف آمريڪا سان خصوصي ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته مسلم ليگ(ن) سان اتحاد مشڪل آهي، اها مسلم ليگ ميثاق جمهوريت واري مسلم ليگ ناهي رهي، اها ووٽ کي عزت ڏيو واري ناهي پر آءِ جي آءِ واري مسلم ليگ آهي هي هاڻ اميرالمومنين بنجڻ جا خواب ڏسندڙ مسلم ليگ آهي ان لاءِ منهنجو مسلم ليگ(ن) سان هلڻ ڪافي مشڪل آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نوازشريف انتظاميه تي دٻاءُ وجهي چونڊن ۾ رنڊڪون وجهڻ چاهي ٿو. نگران حڪومت ۽ انتظاميه نوازشريف جي حق ۾ جانبدار آهن. نگران وزيراعظم جي مقرري شهباز شريف راجا رياض سان ملي ڪئي. راجا رياض هاڻ مسلم ليگ(ن) جي ٽڪيٽ تي چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. بلاول چيو ته ايف آءِ اي سنڌ ۾ اسان جي حامين کي گرفتار ڪري رهي آهي مسلم ليگ(ن) جي سياسي ورهاست کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ناڪام رهندي. هن چيو ته سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پهريون قدم سياستدانن کي کڻڻو پوندو. سياسي اڳواڻ اختلافن کي سياست تائين محدود رکن. سياستدانن کي سياست جي دائري ۾ رهي سياست ڪرڻ گهرجي نه ته ٻين کان به اميد نه رکن ته هو پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪن. 9 مئي واقعو سياست جي دائري ۾ ته نه هو. سياستدانن کي قائدا ۽ اصول طئي ڪرڻا پوندا ته جيئن سياست کي سياست ئي رکن. پ پ چيئرمين چيو ته نوازشريف جيڪڏهن وزيراعظم بڻجي ٿو ته ڏسڻو پوندو ته ڪهڙي سوچ کي کڻي اڳيان هلي ٿو.(ن) ليگ نفرت ۽ ورهاست جي سياست کڻي هلي رهي آهي. جيڪڏهن نوازشريف کي اها ريت ڇڏڻي آهي ته کيس نفرت جي سياست ڇڏڻي پوندي. هن چيو ته نوجوان آزمايل چهرن کي ٻيهر آزمائڻ نٿا چاهين نوازشريف کي سمجهوتو پسند نه آهي. نوازشريف جو ڪجهه جمهوري مزاج هو جيڪو هاڻ ورهائجي چڪو آهي. اسان کي چونڊن جي شفافيت تي اڳ کان ئي ڪجهه سوال آهن اسان چاهيون ٿا ته چونڊ عمل جيترو ممڪن هجي صاف ۽ شفاف هجي. ليول پليئنگ فيلڊ ڏيو ته جيئن اليڪشن جي ساک بحال ٿئي جيڪو به وزيراعظم جي ڪرسي سنڀالي اهو اسان جي ملڪ کي صحيح رستي تي وٺي هلي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ سياسي جمهوريت چاهيون ٿا ته جيئن پاڪستان اڳيان هلي، اميد آهي ته نوازشريف جي دٻاءُ جي باوجود نگران حڪومت چونڊن ۾ مداخلت نه ڪندي. اميد آهي ته پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي حڪومت ٺاهيندي.










