خانپورمهر (رپورٽ:آفتاب سيال)ڳوٺ ولو مهر واسڻ ناري نشاء پنهنجي والد محمد حسين مهر سان گڏجي خانپورمهر ۾ صحافين آڏو دانهيو آهي ته 3سال اڳ منهنجي شادي شاھ علي مهر سان ٿي جنهن بعد مڙس شاہ علي ۽ ڏير عبدالوهاب مونکي گهر ۾ مسلسل تشدد جو نشانو بڻائيندا هئا پنج مهينا اڳ مڙس ۽ ڏير جي تشدد ڪري گهران ڪڍيو ۽ وري برادري جي ماڻهن ڊاڪٽر اورنگزيب مهر، منظور مهر ،ڪريم بخش ۽ خالد مهر جي ضمانت تي هڪ دفعو ٻيهر مونکي پيء ماء مڙس حوالي ڪيو جنهن بعد ڪجهه ڏينهن اڳ ٻيهر مونکي مڙس ۽ ڏير گهر جي ڪمري ۾ بند ڪري تشدد ڪري گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي رڙين تي پاڙي وارا ۽ منهنجا پي ماء پهتا جنهن مونکي جوابدارن کان آزاد ڪرايو ناري دعويٰ ڪئي ته جوابدار مونکي هاڻ ڪوڙي الزام هيٺ قتل ڪرڻ چاهين ٿا. مونکي ۽ منهنجي گهر ڀاتين کي ڪجهه به ٿيو ان جا ذميوار منهنجو مڙس، ڏير ۽ اسٽامپ پيپر تي منهنجي مڙس طرفان ضمانت ڏيندڙ مهر برادري جا چڱا مڙس اورنگزيب مهر، منظور، ڪريم بخش ۽ خالد مهر هوندا.










