غوثپور (عبدالنبي ملڪ) جمال ٿاڻي جي حد ڳوٺ هزارو ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ عورت قتل. جوابدار معشوق جعفري پهنجي گهرواري رشيده خاتون کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويو. پوليس واقعي واري هند پهچي لاش ڊاٽسن ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ ڪنڌڪوٽ اسپتال آندو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي گهرام مچي ويو. آخري اطلائن تائين واقع جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.










