اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مٽيءَ جو تيل هڪ رپيو 71 پئسا في ليٽر مهانگو ٿي ويو.نوٽيفڪيشن موجب هڪ رپيو 71 پئسا في ليٽر واڌ کانپوءِ مٽيءَ جي تيل جي نئين في ليٽر قيمت 313 رپيا 44 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ مسلسل ٻئي هفتي گهٽتائيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي.حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ به 6 رپيا 80 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي آهي.










