مُلڪ ۾ اٽي جو بحران، وفاق ۽ سنڌ جا هڪ ٻئي تي الزام

مُلڪ ۾ اٽي جو بحران، وفاق ۽ سنڌ جا هڪ ٻئي تي الزام

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڄي ملڪ اندر هڪ ڀيرو ٻيهر اٽي جو بحران شدت اختيار ڪري وريو آهي حڪومت ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊر مسئلن کي حل ڪرڻ بجاءِ بحران جو ذميوار هڪ ٻئي کي سڏڻ لڳا. ڪيترن ئي مهينن کان جاري بحران اهڙي شدت اختيار ڪري ويو آهي جو جو ڪجهه ڏينهن ئي پهرين وزيراعظم عمران صوبائي حڪومتن کي هدايت جاري ڪئي هئي ته مهانگي شيون وڪڻندڙن خلاف ڪاررروائي ڪندي عوام کي سستي اگهه تي شيون ڏيڻ کي يقيني بڻايو وڃي. خيبرپختون خواهه ۾ پهرين ئي هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي جڏهن ته پنجاب ۾ ايسوسيئيشن حڪومت کي 5 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏيندي چيو هو ته اسان کي پراڻي اگهه تي اٽو فراهم ڪيو وڃي يا وري انهن کي نان ۽ ماني جي قيتمن ۾ اضافي جي اجازت ڏني وڃي. چئني صوبائي ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ اٽي جي شديد بحران پيدا ٿيڻ کان پوءِ معاملو به سياست جي ور چڙهي ويو آهي تحريڪ انصاف جي قيادت، پنجاب ۽ خيبرپختون خواه جون صوبائي حڪومتون ان بحران جو ذميوار سنڌ حڪومت ۾ پيپلزپارٽي کي قرار ڏئي رهيا آهن. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي سيڪريٽري هاشم پوپلزئي ٻڌايو ته ٽرانسپورٽرز جي هڙتال سان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي رسائي متاثر ٿيڻ ئي اٽي جي بحران جو سبب بڻي. هن چيو ته اهو وقتي بحران ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندو سنڌ ۾ 20 مارچ ۽ پنجاب ۾ 15 اپريل کان نئين ڪڻڪ جو فصل لهڻ کان پوءِ صورتحال وڌيڪ بهتر ٿي ويندي. هاشم پوپلزئي الزام عائد ڪيو ته سنڌ حڪومت کي چيو ويو ته هو پاڻ وٽ 1 ڪروڙ 40 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪري رکي ليڪن صوبائي حڪومت ان طرف ڪو ڌيان نه ڏنو. گذريل ڏينهن متحده قومي موومينٽ سان ملاقات دوران ڪراچي ۾ موجود تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل جهانگير ترين دعويٰ ڪئي هئي ته اٽي جو بحران جلد حل ٿي ويندو ڇاڪان ته حڪومت ڊيوٽي فري ڪڻڪ گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته پاسڪو وٽ هن وقت به 3 لک ٽن ڪڻڪ موجود آهي ۽ روزانو جي بنياد تي ڪراچي ۽ حيدرآباد کي نيشنل لاجسٽڪ سيل ذريعي 10 هزار ٽن ڪڻڪ ڏني ويندي. هن سنڌ حڪومت کي به پاسڪو مان ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي تجويز ڏني. راولپنڊي جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر انور ظهير جپا چيو آهي ته اسان اهو واضح ڪري چڪا آهيون ته حڪومت قيمتون نه وڌائيندي ڪڻڪ جي بحران کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون راولپنڊي ۾ اٽي جو ڪو بحران ناهي گذريل مهيني اسان 805 رپيا في 20 ڪلو جي حڪومتي قيمت تي اٽي جون 22 هزار ٿيلهيون مرڪزي منڊي ۾ طئي ٿيل مقامن ڏانهن موڪليون پر هو صرف 4 هزار وڪڻي سگهيا

پهنجو تبصرو موڪليو