لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) جي مطالبي تي ميچ ريفري کي تبديل نه ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان ايشيا ڪپ جي وڌيڪ ڪنهن به ميچ ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پي سي بي چيئرمين ۽ پاڪستان جي وفاقي گهرو وزير ايڪس تي ٽوئيٽ ڪندي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ميچ ريفري اينڊي پائڪرافٽ خلاف ڪرڪيٽ جي قانون موجب ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي. ميچ ريفري ٽاس ڪرڻ وقت ڪپتانن کي هٿ نه ملائڻ جي هدايت ڪئي. پي سي بي جي مطالبي تي جيڪڏهن آءِ سي سي ميچ ريفري کي تبديل نه ڪيو ته پاڪستاني ٽيم ايشيا ڪپ جي وڌيڪ ڪنهن به ميچ ۾ حصو نه وٺندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اسپرٽ آف دي ڪرڪيٽ جي پاسداري نه ڪرڻ تي آءِ سي سي ۽ ايم سي سي کي خط لکي ميچ ريفري اينڊي پائيڪرافٽ ۽ ايونٽ ڊائريڪٽر اينڊريو پارسل کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڀارتي رانديگرن ڄاڻي واڻي پاڪستاني رانديگرن سان هٿ نه ملائي راند جي ساک کي نقصان پهچايو. ميچ ريفري ڄاڻي واڻي ڪپتانن کي هٿ ملائڻ کان روڪيو. ياد رهي ته اڳ ۾ هندوستان ۾ مختلف ڌرين پاران اهو مطالبو ڪيو ويو هو ته مئي ۾ ٻنهي ملڪن جي جنگي جهڙپن سبب انڊيا، پاڪستان سان ميچ نه کيڏي ۽ بائيڪاٽ ڪري، جنهن تي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ايڏو وڏو فيصلو ته نه ڪيو پر ڀارتي ڪپتان کي سبق ڏنو ويو ته هوهو ميچ جي فتح ڀارتي فوج جي نالي ڪري ۽ پهلگام واقعي جي مذمت ڪندي متاثرن جي خاندانن سان يڪجهتي جواظهار ڪن، جيڪو سوريا ڪمار ياديو ڪيو. ڀارت پهلگام واقعي جو الزام پاڪستان تي لڳايو هو، پاڪستان ثبوت طلب ڪندي عالمي سطح تي اڻ ڌري جاچ جو مطالبو ڪيو هو. محسن نقوي ٽوئيٽ ۾ چيو ته افسوس آهي ته ڀارت ڪرڪيٽ کي سياست جي نظر ڪري رهيو آهي. ميچ جي آخري تقريب ۾ پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا شريڪ نه ٿيو هو جنهن جو سبب به ميچ ريفري جو جانبداراڻو ڪردار هو.










