ميرپورخاص جو ڊي ايس پي گٽڪو ٽرانسفر ڪندي گرفتار

ميرپورخاص جو ڊي ايس پي گٽڪو ٽرانسفر ڪندي گرفتار

ڄامشورو (ن س )ميرپورخاص ۾ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ڊي ايس پي) احمد ڪريم جيلاني جي گاڏي مان وڏي مقدار ۾ گٽڪو هٿ، ڄامشورو ويجهو ڊي ايس پي ليگل کي حراست ۾ ورتو ويو،سنڌ جي وڏي وزير ڊي ايس پي ميرپورخاص ڪريم جيلاني جي منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث هئڻ جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کي جاچ جي هدايت ڪئي آهي،وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب ڊي ايس پي ميرپورخاص ڪريم جيلاني کي ڪسٽم اختيارين ڄامشورو ويجهو گٽڪو ۽ ٻيو منشيات منتقل ڪندي گرفتار ڪيو، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڊي ايس پي ڪريم جيلاني جي منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث هئڻ جو نوٽيس ورتو آهي.ترجمان موجب وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي آهي ته ڊي ايس پي ڪريم جيلاني خلاف فوري انڪوائري شروع ڪئي وڃي.سنڌ جي وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي يونيفارم ۾ ڏوهن ۾ ملوث اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته صوبي کي اهڙن آفيسرن جي ضرورت آهي جيڪي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جو جذبو رکن.

پهنجو تبصرو موڪليو