مير جعفر ۽ مير صادق جو ٽولو مڙهيو ويو آهي : عمران

مير جعفر ۽ مير صادق جو ٽولو مڙهيو ويو آهي : عمران

ملتان(ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته تمام جلد شريفن جي ڪرپشن تي وائٽ پيپر آڻينداسين ملتان ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جلد اسلام آباد ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏيندس، مير جعفر ۽ مير صادق جو ٽولو مڙهيو ويو آهي هن چيو ته پاڪستان ۾ حقيقي آزادي جي جدوجهد لاءِ هر ٻار کي تيار ڪرڻو آهي ۽ ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائڻي آهي عمران خان چيو ته شهباز شريف تي اربين رپين جا ڪرپشن ڪيس آهن، هو ڪرپشن بچائڻ لاءِ ملڪي مفادن کي قربان ڪري ڇڏيندو، جنهن جو پئسو پرڏيهه ۾هوندو اهو سامراج خلاف ڪيئن آواز اٿاريندو

پهنجو تبصرو موڪليو