ميانمار ۾ نوجوانن جي اغوا جو نوٽيس،اختياريون بازيابي لاءِ قدم کڻن

ميانمار ۾ نوجوانن جي اغوا جو نوٽيس،اختياريون بازيابي لاءِ قدم کڻن

ڪراچي/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميانمار ۾ ٽن پاڪستاني نوجوانن جي مبينا اغوا جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته انهن جي بازيابي لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ کين وطن واپس آندو وڃي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري ڪيل پريس رليز موجب پ پ چيئرمين پرڏيهي آفيس تي زور ڏنو آهي ته هو سفارتي ذريعا استعمال ڪري ٽن ڄڻن ڪاشف حسين، فراز خان ۽ شهروز خان کي حيدرآباد مان ڳولي ۽ بازياب ڪرائي. ڄاڻايل نوجوان ٿائيلينڊ ويا، جتان کين مبينه طور تي ميانمار وٺي ويو ۽ يرغمال بڻايو ويو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي يقين ڏياريو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اغوا ٿيلن جي بازيابي لاءِ سمورن لاڳاپيل فورمن تي آواز اٿاريندي.

پهنجو تبصرو موڪليو