سيد زوار حسين شاه
ملڪ هن وقت خطرناڪ صورت حال امن گذري رهيو آهي ، مهنگائي جهڙي طرح عام ماڻهن کي پريشان ڪيو آهي مهنگائي جي ڪري عوام خودڪشيون پيو ڪري ، جڏهن ته وزيراعظم پاڪستان ميان شهباز شريف صرف ڪپتان مٿان سياسي حمله ڪري رهيو آهي ، جڏهن ته حقيقت اها ناهي ، جنهن طرح سان 60 فيصد مجرم آهن جن مٿان ڪرپشن جا الزام ثابت ٿي چڪا آهن ، مان توهان کي وزيراعظم جناب ميان شهباز شريف جي ڪيل گفتگو بابت ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو ، برحال مان سمجهان ٿو ته ڪپتان مٿان الزام هڻن سان مسئلو حل نه ٿيندو ان ڪري عملي ڪم ڏيکارڻ انتهائي ضروري آهي ، جڏهن ته عوام هن وقت سڄي پاڪستان ۾ سراپا احتجاج اهي ، پيٽرل تيل ڊيزل وڌائڻ سان هر شيظ جي قيمتن ۾ اضافو ٿئي ٿو ، برحال حڪومت وقت جي هر هڪ جيڪو ميڊيا ٽاڪ ڪري ٿو ، صرف اهو پيو چوي ته هي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي صرف ڪپتان جي ڪري ٿي رهيو آهي . اهو مناسب ناهي ، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام جي متاثر ٿيڻ جو احساس آهي، پر ان کانسواءِ ڪو به چارو نه هو، صورتحال تي قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندس، خميس ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آئون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام تي ٿيڻ واري اثرن کان چڱي طرح آگاهه آهيان، پر پي ٽي آءِ جي اڳوڻي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڊيل جي ڪري موجوده حڪومت وٽ پيٽروليم مصنوعاتن جون قيمتون وڌائڻ کانسواءِ ڪو به چارو نه هو، وزيراعظم چيو ته هو پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڊيل جي حوالي سان قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندو، وزيراعظم چيو ته انشاءُ الله اسان اقتصادي مشڪلاتن مان نڪري اينداسين، وزيراعظم حيرانگي جو اظهار ڪيو ته جن آءِ ايم ايف سان هن وقت تائين جو بدترين معاهدو ڪيو ۽ انتهائي غلط معاشرتي فيصلا ڪيا ڇا هو سچ جو منهن ڏسڻ جي همت رکن ٿا؟ هن چيو ته قوم هن وقت جنهن معاشي مشڪلاتن مان گذري رهي آهي، ان جو ذميدار پاڻ کي ڪيئن بري زمان قرار ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته هو اڳوڻي پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف معاهدي جي باري ۾ قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندو. ٻئي پاسي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ٻين وفاقي وزيرن خميس تي پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل رات ٽيون ڀيرو پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون وڌائڻيون پيون جنهن جا 2 سبب هئا هڪ ته پي ٽي آءِ حڪومت کان مليل کنڊر معاشي صورتحال ۽ غلط پاليسيون اسان وٽ ٻه آپشن هئا ته اسان فوري اليڪشن ڪرايون يا عبوري حڪومت معاشي فيصلا ڪري يا اسان پاڻ ڏُکيا فيصلا ڪريون. آءِ ايم ايف جو معاهدو جيڪو مڪمل ناهي ٿيو ۽ ان جي تڪميل جو سمورو دارومدار ڊسمبر جي ڪارڪردگيءَ تي هوندو. ان موقعي تي اڳوڻي حڪومت ويندي ويندي سبسڊي ڏني جنهن جو مقصد ايندڙ حڪومتن لاءِ ڏُکيائيون پيدا ڪرڻ هو. هن چيو ته گذريل رات پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ باوجود اڃا به گڏيل عرب امارات ۾ رائج ٿيل اگهن کان پاڪستان ۾ اگهه گهٽ آهي، جيڪڏهن معيشت سٺي هجي ها ته اسان اهڙا ڏُکيا فيصلا نه ڪريون ها. آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو چارو نه هو، 40-50 سالن کان نقصان ۾ هلندڙ ڪيترن ئي سرڪاري ادارن جي نجڪاري ڪئي وڃي ته جيئن انهن کي بهتر انداز ۾ هلائي سگهجي. پاڪستان اسٽيل ملز، پي آءِ اي، ايس اين جي پي ايل، ايس ايس جي ايل، ڊسڪوز سميت ٻيا 90 سيڪڙو ادارا خساري ۾ هلي رهيا آهن، انهن جي نجڪاري ٿيڻ گهرجي ۽ انهن جي ادارن جي ملازمن کي گولڊن شيڪ هينڊ ڏنو وڃي ته جيئن اهي ڪو ٻيو ڪم ڪري سگهن. اڄڪلهه عمران خان جنهن قسم جا بيان ڏئي رهيو آهي اهي قوم ۽ ميڊيا سميت سڀني آڏو آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت چئن سالن ۾ جيڪي پرڏيهي قرض ورتا اهي 70 سالن جي قرضن جو 80 سيڪڙو آهن، پي ٽي آءِ قيمتون جنهن سطح تي ڇڏي وئي انهن جا اثر اڄ به عوام محسوس ڪري رهيو آهي. هن چيو ته روس يوڪرين جنگ جي ڪري پيٽروليم مصنوعات، گيس، يوريا ۽ اناج جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. دفاع واري وزير چيو ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي رات جو هڪ وڳي تائين مارڪيٽ کُليل آهن، اسان وٽ 365 ڏينهن سج موجود هوندو آهي پر اسان مان فائدو ناهيون کڻندا. سڄي قوم خاص طور تي واپارين کي اپيل آهي ته اهي مهذب ملڪن ۾ رائج ٿيل وقت اختيار ڪن. هن چيو ته تيل، بجلي، گيس جي وڌندڙ قيمتن تي ضابطو آڻڻ جو مقابلو ڪفايت شعاريءَ سان ئي ممڪن آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منافعي خور مافيا ۽ پيٽرول پمپ مالڪ گڏجي عوام جي ڏُکيائين ۽ـ مصيبتن مان فائدو کڻي رهيا آهن. هن چيو ته عوامي ڏُکيائين کي گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومتي دؤر ۾ پيٽروليم مصنوعات عالمي منڊيءَ ۾ في بيرل گهٽ هيون ۽ هاڻي اهي قيمتون 37 سيڪڙو وڌي ويون آهن ۽ هاڻي عالمي سطح تي 120 ڊالر في بيرل تيل ملي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي ملڪ جو سڀ کان وڏو فورم آهي، ان پهرئين اجلاس ۾ جيڪو فيصلو ڪيو ٻئي ۾ اهوئي فيصلو ڏنو. ان فيصلي کي نٿو مڃيو وڃي، جيڪڏهن جوڊيشل ڪميشن به ٺهي وڃي ته عمران خان ان کان به فرار ٿيندو. ان موقعي تي مواصلات واري وفاقي وزير اسعد محمود چيو ته اسان نه ڪيل گناهن سان عوام جي ڪٽهڙي ۾ بيٺل آهيون، جڏهن آءِ ايم ايف سان گذريل حڪومت معاهدو پئي ڪيو ته اسان پارليامينٽ ۾ رڙيون ڪري رهيا هئاسين ته اهو عوام دشمن معاهدو آهي، بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي ته ماضيءَ جي حڪومت ٽن سالن ۾ ڌار ڌار ناڻي واري وزير بجيٽ پيش ڪئي، پنهنجي ئي وزير تي عدم اعتماد معاشي پاليسين جي ناڪاميءَ جو ثبوت آهي. برحال مان عرض ته وزيراعظم جناب شهباز شريف کي جنرل اليڪشن ڪرائڻ ڏانهن وڃڻو پوندو ، جنهن سان جيڪا به سياسي پارٽي ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿيندو ته ملڪ به اهو هلائي سگهندو ، مان سمجهان ٿو ته معيشت مضبوط ٿيندي ، برحال مونکي تعجب پيو ٿئي جڏهن ڪرپٽ مافيه ڪرپٽ سياستدان ملڪ کي لٽين ٿا جڏهن ته سياستدان عوام لاء ڪو پيڪيج نه ٿا ڏين ، جنهن کان پوء عوام انتهائي پريشان آهي برحال امن عرض ڪندس ته مهنگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ، ڪپتان مٿان اجائي تنقيد کان پاسو ڪيو وڇي.










