ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ڪابينا ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جي ميئر کي چيئرمين واٽر بورڊ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ مختلف فيصلن جي منظوري ڏني وئي. ترجمان موجب صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪراچي جي ميئر کي واٽر بورڊ جو چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته ڪراچي جي ميئر کي ڪي ڊي اي، ايم ڊي اي ۽ ايل ڊي اي جي گورننگ باڊيز جو ميمبر بڻائڻ جي به منظوري ڏني وئي. ساڳئي طرح حيدرآباد، سيوهڻ، لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي جي گورننگ باڊي جو واسطيدار ميئر ميمبر هوندو. ڪابينا سنڌ جي هر ضلعي ۽ ٽعلقه هيڊ ڪوارٽر کي ٽائون ڪميٽي بنائڻ جي به منظوري ڏني. ڪميٽي ۾ ڪي ايم سي، ٽائون ۽ يوسي جا ميئر به شامل هوندا. ترجمان موجب اجلاس ۾ پراونشل فنانس ڪميشن جوڙڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي. ياد رهي ته ڪابينا جي ڪيل ڪجهه فيصلن جو تعلق جماعت اسلامي سان ڪيل سياسي معاهدي ۾ شامل هئا جن کي حڪومت پورو ڪيو آهي. سنڌ ڪابينا هر ضلعي ۾ يونيورسٽي يا ڪيمپس قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني، ڪراچي ۾ ميٽروپوليٽن يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي منظوري به ڏني. وڏي وزير چيو ته بلاول ڀٽو جي هدايت تي سنڌ حڪومت ڪراچي سميت صوبي جي مختلف شهرن ۾ ڪچين آبادين کي ملندا.ڪچي آبادين جي رهائشين کي مالڪاڻا حق ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. لاڙڪاڻي جي غريب مڪان هائوسنگ ڪالوني جي رهائشين کي مالڪانا حق ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي، اها ڪالوني 1976 ۾ شهيد ڀٽو قائم ڪئي هئي مالڪاڻا حق ڏيڻ جي ڪا به فيس نه ورتي ويندي. سنڌ ڪابينا ڪراچي ۾ نيورو سائيڪاٽرڪ سينٽر قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني. هي سينٽر ملير ضلعي جي ديهه ناراٿر م 10 ايڪڙ ايراضي تي ٺهندو.زمين جي مارڪيٽ ويليو سوا ڪروڙ روپيا آهي، اها زمين ڇلڊرن آف آدم فلاحي اداري کي 50 سيڪڙو رعايتي قيمت تي ڏني ويندي. سنڌ ڪابينا سنڌ هيلٿ مئنيجمينٽ سروس رولز 2022 جي منظوري به ڏني.ايم ايس جي پوسٽ فلوٽنگ جي منظوري به ڏني، هاڻي اها پوسٽ 19 يا 20 گريڊ جي هوندي. ڪابينا 19 رورل هيلٿ سينٽر پي پي ايڇ آءِ کي ڏي جي به منظوري ڏني، هي سينٽر بجيٽ سميت کين ملندا. ڪابينا ڏيپلي تعلقي جي ديهه سنگهاريو ۽ مراد لاساري ڪلوئي ۾ شامل ڪرن جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ ڪابينا ٿر ڪول پاور پلانٽ کي 200 ڪيوسڪس پاڻي ڏيڻ نارا ڪينال مان فراهم ڪرڻ ۽ ٿر ڪول بلاڪ 2 کي 35 ڪيوسڪس پاڻي ڏيڻ جي منظوري به ڏني وئي. ڪابينا اجلاس کي خطب ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌي وڃڻ ڳڻتي جوڳوعمل آهي، اسانکي هر حال ۾ شهرين کي تحفظ ڏيڻو آهي. ان ڏس ۾ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.










