ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ميئر جي چونڊ بابت قانونسازي خلاف جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي درخواست تي فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ پنهنجي لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته ميئر جي چونڊ جا نتيجا حافظ نعيم الرحمان جي درخواست جي فيصلي سان مشروط هوندا.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ 4 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪيو.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ جو شيڊول جاري ٿيڻ کانپوءِ چونڊ ملتوي نٿي ڪري سگهجي، ميئر جي چونڊ ملتوي ڪرڻ بابت جماعت اسلامي جي درخواست رد ڪئي وئي.سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته عدالت لوڪل گورنمينٽ ترميمي ايڪٽ 2023 خلاف ڌرين کان دليل طلب ڪري ورتا آهن.لکت واري فيصلي ۾ عدالت چيو آهي ته جيڪڏهن جماعت اسلامي جي درخواست منظور ڪئي وئي ته اليڪشن ڪالعدم قرار ڏني ويندي، درخواست منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ پراڻي قانون تحت ٻيهر ڪرائي ويندي.سپريم ڪورٽ لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته ميئر جي چونڊ جا نتيجا حافظ نعيم الرحمان جي درخواست جي فيصلي سان مشروط هوندا.










