ٽنڊوباگورپورٽ رفاقت جروار) ٽنڊوباگو بدين روڊ تي بس اسٽاپ ٻاڦي وٽ ٻن موٽر سائيڪلن جي آمهون سامهون ٽڪر ۾ ڳوٺ پهاڙ مري جو رهواسي اي سي ڪوچ جو ڊرائيور غلام رسول عرف ڪارو شيدي ۽ واهڻائي شهر جو نوجوان جنيد قمبراڻي فوت ٿي ويا. جڏهن ته مظهر قمبراڻي سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا ٽنڊوباگو پوليس فوتي ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو پهچايو آهي.










