واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آمريڪي صدر ۽ ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته مسيحي ٻاهر نڪري مون کي هڪ ڀيرو ووٽ ڏين، کين ٻيهر ائين نه ڪرڻو پوندو.فلوريڊا جي رياست ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا ۾ وڌيڪ چار سالن ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، هاڻي توهان کي ووٽ نه ڏيڻو پوندو.خابرو اداري موجب اهو واضح ناهي ته اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان جو ڇا مطلب آهي، جڏهن ته ڊيموڪريٽڪ حریف ٽرمپ تي جمهوريت لاءِ خطرو هجڻ جو الزام لڳائي رهيا آهن.ان کان اڳ هڪ ريلي دوران ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجو گهڻو وقت ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار ڪملا هيرس تي تنقيد ۽ الزام لڳائڻ ۾ گذاريو.










