رحيم يار خان(ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته “مون 14 سال جيل ڪاٽيو آهي، مون چيو هو ته ٻن سالن بعد جيل پڇندو آهي، اڄ جا ليڊر اهڙا آهن جو اڃا ڏيڍ سال به جيل ۾ ناهن گذاريا ۽ رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڏين ٿا.”
صدر آصف علي زرداري جمال الدين والي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته “جمهوريت ۾ ڪٿي به ناهي لکيل ته هٿيار کڻجن، جنگ ۾ توهان جو ئي نقصان آهي ڇو ته توهان جو ڀاڻيجو يا ڀائٽيو مارجي ويندو.”
صدر آصف علي زرداري چيو ته “مون جيل ڪاٽيو آهي، مون چيو هو ته ٻه سال پوءِ جيل پڇندو آهي، اڄ جا ليڊر اهڙا آهن جو اڃا ڏيڍ سال به جيل ۾ ناهن رهيا ۽ رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڏين ٿا.”
هن چيو ته “اهي قرباني نٿا ڏئي سگهن، انهن وٽ همت ناهي، اهي رڳو ڳالهيون ڪري سگهن ٿا. مون به 14 سال جيل ڪاٽيو آهي، تڪليفون سٺيون آهن، پر همت ناهي هاري.”
صدر زرداري جو چوڻ هو ته “جيلن ۾ عبادت ڪرڻ گهرجي، جيلن ۾ وڃي عبادت ٿيندي آهي، جيل ۾ عبادت ڪندڙ جي دعا قبول ٿيندي آهي.”
هن وڌيڪ چيو ته “اسان سڄو پاڪستان کٽينداسين ۽ ملڪ کي ٺاهينداسين، وزيراعظم بلاولڀٽو زرداري ٿيندو.”










