14 هزار سائنسدانن جي دنيا جي تباهي جي  وارننگ

14 هزار سائنسدانن جي دنيا جي تباهي جي وارننگ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي 34 ملڪن جي 14 هزار سائنسدانن پوري دنيا جو ڌيان ڇڪائيندي چيو آهي ته ڌرتي جي گولي جو ماحول خراب ٿي رهيو آهي ۽ پوري دنيا فوري طور تي موسمياتي تبديلين بابت ايمرجنسي اپاءُ وٺي. 2019 ۾ 11258 سائنسدانن اسان کي خبردار ڪيو هو ته ڌرتي جي گولي تي تباهي اچي سگهي ٿي ۽ اها سندن تحقيق بايو سائنس جرنل ۾ شايع به ٿي هئي پر 2 سال گذرڻ بعد به دنيا اهي اپاءَ نه ورتا آهن جيڪي جنگي بنيادن تي وٺڻ گهرجن. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ٻيلن ۾ باه لڳڻ، گرمي جو وڌي وڃڻ، گليشيئر ز جو پگهر، اينٽارڪٽڪ، آئيس لينڊ ۾ ٿيندڙ تبديلين ۽ ايندڙ ٻوڏ ۽ برساتي سيلابن سبب انسانن ۽ هن ڌرتي جي گولي کي وڏو خطرو آهي. جنهن لاءِ تيل جو استعمال روڪڻ سميت هنگامي اپائن لاءِ فوري فيصلا ڪرڻا پوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو