اسلام آباد (بيورو رپورٽ): صدر مملکت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان غير متزلزل ٻڌيءَجو اظهار ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ڪشمير مسئلي جي پرامن حل سان لاڳاپيل آهي، عالمي برادري والاريل واديءَ ۾ ڀارتي مظالم جو نوٽيس وٺي. هن واضح ڪيو ته ڀارت جا غيرقانوني قدم ڪشمير جي متنازعه حيثيت تبديل نٿا ڪري سگهن ۽ پاڪستان ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مودي سرڪار جي قدمن ڀارتي رياستي جبر ۾ واڌ ڪئي آهي، پر تمام تر مشڪلاتن جي باوجود ڪشميري عوام جو حوصلي ۽ استقامت اڄ به غير متزلزل آهي. هن چيو ته جمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سڀ کان بنيادي ۽ پراڻو حل طلب مسئلو آهي، جيڪو طاقت جي استعمال يا هڪطرفن قدمن سان حل نٿو ٿي سگهي. عالمي برادري رڳو تشويش تائين محدود نہ رهي، بلڪه ذميوارانه ڪردار ادا ڪري. ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو حل پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو بنيادي ٿنڀو آهي ۽ پاڪستان سندن سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.










