موجوده حڪومت هر شعبي ۾ بري طرح ناڪام ٿي چڪي:عمران خان

موجوده حڪومت هر شعبي ۾ بري طرح ناڪام ٿي چڪي:عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ عمران خان جي 9 تڪن تان ضمني چونڊ وڙهڻ بابت قانوني معاملن جو جائزو ورتو ويو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي جي سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف 14 آگسٽ تي پريڊ گرائونڊ ۾ جلسو ڪندي.ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ اسيمبلي ميمبرن جي استعيفيٰ بابت پي ٽي آءِ جي قانوني حڪمت عملي تي به بريفنگ ڏني وئي.اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته موجوده حڪومت هر شعبي ۾ بري طرح ناڪام ٿي چڪي آهي، حڪومت کي فوري طور تي عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو