ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڊجيٽل اسڪرين جي سامهون وقت گذارڻ سان ٻارن جي اکينجي نظر ۽ جسماني صحت لاءِ نقصانڪار آهي. اها ڳالهه برطانيا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي. اينجلا رسڪن يونيورسٽي جي تحقيق مان معلوم ٿيو ته فون، ٽيبليٽ وغيره جي سامهون گهڻو وقت گذارڻ سان ٻارن جي بينائي۽ عام صحت سخت متاثر ٿئي ٿي. مطالعي ۾ دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي وبا دوران اسڪول ڇڏڻ وارن ٻارن ۾ ڊجيٽل ڊوائيسز جي وڌيڪ استعمال جي اثرن تي غور ڪيو ويو. ان مقصد لاءِ وبا دوران مختلف طبي تحقيقي رپورٽن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ويو. نتيجن مان ظاهر ٿيو ته ٻار هڪ وڏي وبا دوران ڊجيٽل اسڪرين جي سامهون وڌيڪ وقت گذارڻ جو امڪان هئا. ڪئناڊا ۾، مثال طور، 89 سيڪڙو والدين تسليم ڪن ٿا ته سندن ٻار گهڻو وقت اسڪرين جي سامهون گذاريندا آهن. اهڙي طرح جرمني ۾ ٻارن جي ڊيوائسز جي استعمال جو مدو سراسري طور هڪ ڪلاڪ وڌي ويو، چلي ۾ اهو 3 ڪلاڪن کان به وڌي ويو، جڏهن ته تيونس ۾ 5 کان 12 سالن جي ٻارن لاءِ اهو مدو 111 سيڪڙو وڌي ويو.










