موبائلون ڦر ڪري ايران ۽ افغانستان موڪليندڙ 3 جوابدار گرفتار

موبائلون ڦر ڪري ايران ۽ افغانستان موڪليندڙ 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ موبائل فون ڦر ڪري ايران ۽ افغانستان موڪليندڙ 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.ڪراچي پوليس موجب سپر هاءِ وي تي ملير ڪينٽ موري وٽ ڪارروائي ڪندي 3 ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 26 قيمتي موبائيل فون، 3 پستول ۽ 50 کان وڌيڪ موبائيل سم ڪارڊ هٿ ڪيا ويا آهن.پوليس موجب گرفتار جوابدار بين الصوبائي ڊڪٽي گروپ جا ميمبر آهن، جن جي سڃاڻپ عبدالمنان، جمال الدين ناصر ۽ محمد فرحان طور ٿي آهي.جوابدار ساٿين جي مدد سان چوري ٿيل موبائل فونن جا آءِ ايم اي آءِ نمبر تبديل ڪري موبائل ڪوريئر ڪمپني ذريعي ڪوئيٽا، ايران ۽ افغانستان موڪليندا هئا.جوابدارن انڪشاف ڪيو آهي ته هنن هڪ سال ۾ 500 کان وڌيڪ موبائيل فون چوري ڪري پاڙيسري ملڪن ۾ فراهم ڪيا.گرفتار جوابدارن جي قبضي مان موبائل فون جا پرزا پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو