اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مهانگائي سٽيل عوام کي هڪ ٻيو لوڏو ڏيندي ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر مهانگو ڪري ڇڏيو.اوگرا طرفان ايل پي جي جي گهريلو سئلينڊر جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب 11.8 ڪلو ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر 703 رپيا 24 پئسا مهانگو ڪيو ويو آهي.ايل پي جي جي گهريلو سئلينڊر جي قيمت ۾ واڌ پهرين فيبروري کان لاڳو ٿيندي.ايل پي جي جي في ڪلو قيمت 263 رپيا 95 پئسا ٿي وئي آهي، واڌ کانپوءِ 11.8 ڪلو گرام جي گهريلو سئلينڊر جي قيمت 3 هزار 114 رپيا 67 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.جنوري لاءِ ايل پي جي جي في ڪلو قيمت 204 رپيا 35 پئسا هئي، جڏهن ته هلندڙ مهيني ايل پي جي جي گهريلو سئلينڊر جي قيمت 2 هزار 411 رپيا 43 پئسا هئي.










