اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ سرحدن تي منڪي پاڪس جي اسڪريننگ جي نظام کي بهتر بنائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب منڪي پاڪس بابت اهم اجلاس اڄ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ منڪي پاڪس جي تازي صورتحال، مرض کي منهن ڏيڻ جي اڳواٽ تيارين جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٽيسٽنگ ليبارٽريز، ليب ڪٽس ۽ لاڳاپيل دوائن جي دستيابي ۽ اسڪريننگ جي نظام بابت به شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ چئن صوبن جي چيف سيڪريٽرين صحت کاتي ۽ اين سي او سي جي اختيارين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ وزيراعظم جي صحت کاتي بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار بهرت، سيڪريٽري ۽ ڊي جي صحت به شريڪ ٿيا. انهي موقعي تي انٽرنيشنل هيلٿ اسٽيبلشمينٽ ۽ ايئرپورٽس تي انتظامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته وزيراعظم سمورين لاڳاپيل اختيارين کي ضروري هدايتون به ڏنيون.وزيراعظم شهباز شريف اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهيون ڪندي چيو ته صحت جي عالمي اداري طرفان منڪي پاڪس کي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏنو ويو جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ به انهي بيماري جي حوالي سان سخت نگراني جي ضرورت آهي. وزيراعظم ملڪ جي هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ سرحدن تي منڪي پاڪس جي اسڪريننگ جي نظام کي بهتر بنائڻ جي هدايت ڪئي، هن وزيراعظم جي بارڊر هيلٿ سروس جي صورتحال جي سخت نگراني ۽ سخت سرويلنٽس جي هدايت به ڪئي.وزيراعظم نيڻشل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي منڪي پاڪس جي صورتحال تي گهري نظر رکڻ ۽ ان حوالي سان روزانو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. هن منڪس پاڪس جي جاچ جي حوالي سان سمورا ضروري اوزار ۽ ڪٽس جي فراهمي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي.هن منڪي پاڪس جي پکيڙ کي روڪڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان جي حڪومت ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومت سان رابطا بهتر بنائڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم منڪي پاڪس جي حوالي سان گڏيل آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته منڪس پاڪس جي حوالي سان هفتيوار بريفنگ وٺندس.










