ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ليجنڊ پاڪستاني ليکڪ، طنز نگار ۽ ميزبان انور مقصود پنهنجي اغوا بابت گردش ڪندڙ افواهن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.گذريل ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي انور مقصود جي اغوا جون خبرون گردش ڪري رهيون هيون.جڏهن ته انور مقصود پنهنجي مزاحيه انداز ۾ هڪ وڊيو جاري ڪندي اهڙين گردش ڪندڙ خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي.ليکڪ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن هڏي ڀڄي وڃي ها ته پوءِ برياني ڪيئن ٺاهي ها، مان هاڻي برياني ٺاهي رهيو آهيان، ٻي صورت ۾ منهنجي لاءِ ڪو ٻيو ٺاهيندو.خبرن تي رد عمل ڏيندي هن مداحن کي گذارش ڪئي ته اهڙين ڪوڙي خبرن تي نه ٻڌو، منهنجو نه ته سوشل ميڊيا تي ڪو اڪائونٽ آهي ۽ نه ئي سوشل ميڊيا ڏسندو آهيان، ماڻهو فون ڪري مون کي ٻڌائي رهيا آهن ته منهنجي اغوا جون خبرون اچي رهيون آهن.انور مقصود سمورن خبرن جي ترديد ڪندي اهو به چيو ته مان نه رڳو اهڙين خبرن جي ترديد ڪريان ٿو پر انهن جي به مذمت ڪريان ٿو جيڪي بنا تصديق جي اهڙيون خبرون پکيڙي رهيا آهن.










