پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ٻن ضلعن ٽانڪ ۽ ڊيرا اسماعيل خان جي مقامي عدالتن پشتون تحفظ موومينٽ جي اڳواڻ منظور پشتين جي بغاوت جي 3 وڌيڪ ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. سندس وڪيل ميڊيا کي ٻڌايو ته 2 ڪيس ڊيرا اسماعيل خان ۽ هڪ ڪيس ٽانڪ ۾ داخل هو. هن ٻڌايو ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ داخل ٻن ٻين بغاوت جي ڪيسن ۾ اڳ م ئي عدالتون ضمانت منظور ڪري چڪيون آهن ۽ هاڻي مٿس ٻيو ڪو ڪيس ناهي، مجموعي طور تي سندس خلاف 5 ڪيس داخل هئا. هن چيو ته سومر تي کيس آزاد ڪيو ويندو. ياد رهي ته منظور پشتين کي 27 جنوري تي پشاور جي شاهين ٽائون مان گرفتار ڪيو ويو هو.










