منشيات جا اڏا بند ڪريو، ايس يو پي جو احتجاج

منشيات جا اڏا بند ڪريو، ايس يو پي جو احتجاج

ٽنڊو محمد خان(ن سنڌيار)سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان منشيات جي سرعام ھلندڙ ڪاروبار خلاف بلڙي شاھ ڪريم ۾ احتجاجي مظاھرو  ڪيو مظاھرين  ھٿن ۾ بينر کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي جڏھن ته سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ٽنڊو محمد خان جي صدر ذوالفقار پپو ڀرڳڙي  سليم ھاليپوٽو ذوالفقار لنڊ احمد لنڊ جسقم ضلع اڳواڻ جاويد ھاليپوٽو زوھيب جمالي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب بلڙي شاھ ڪريم اڳيان احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھري ۾ قومي ڪارڪنن جي به شرڪت جنھن ۾ حنيف بروھي فاضل جلالاڻي صالح ڳاھو احمد لنڊ محمد حسن برھماڻي اڪبر ملاح سميت ٻيا پڻ موجود ھئا  ان موقعي تي احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي ذوالفقار پپو ڀرڳڙي جاويد ھاليپوٽو زوھيب جمالي سليم ھاليپوٽو ۽ ٻين چيو ته ضعلي ٽنڊي محمد خان ۽ ان جي تعلقن بلڙي شاھ ڪريم ۽ ٽنڊو غلام حيدر ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات جو سرعام ڪاروبار عروج تي آهي جنھن ۾ مين پڙي گھٽڪو آئيس سميت سموري منشيات سرعام وڪرو ٿي رھي آهي ھنن چيو ته مين پڙي نوجوان نسل کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي ڪافي نوجوان مرد توڻي عورتون ڪينسر جھڙي موضي مرض ۾ ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي ماڻھون مين پڙي واپرائڻ سبب حياتيون وڃائي چڪا آهن پر پوليس ۽ چونڊيل نمائيندا مڪمل اگھور ننڊ ۾ ستل آهن ھنن کي عوام جو ڪو به فڪر ناھي ھنن چيو ته پوليس صرف خانا پوري ڪري رھي آهي وڏن منشيات فروشن ۾ ھٿ نٿي وجھي پوليس انھن جي اڳيان بيوس بڻيل آهي چونڊيل نمائيندا پڻ ھن اھم مسئلي تي خاموش آهن فقط قوم پرست پارٽيون آهن جيڪي منشيات خلاف آواز اٿارين ٿيون ڪروڙين روپين جي منشيات وڪرو ٿئي ٿي ۽ لکين روپيا منٿليون مقرر ٿيل آهن ھنن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ڊي جي رينجرز ۽ چيف جسٽس کي فوري نوٽيس وٺي منشيات جو ڪارو دنڌو بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو