ملڪيت جو تڪرار، ڀائرن جو ڀيڻن تي تشدد

ملڪيت جو تڪرار، ڀائرن جو ڀيڻن تي تشدد

نوشهروفيروز( ڊ ر) بلاول ڪالوني جي رهواسين نسيم اختر امام زادي پنهنجي ڀاءُ فاروق احمد سهتو سان گڏجي پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ داهيندي چيو آهي ته اسان جا ڀائر منظوراحمد نظيراحمد نثاراحمد فاروق احمد مقصود احمد سهتو ملڪيت جي لالچ ۾ اچي اسان ڀينرن مٿان روز تشدد ڪن ٿا گذريل ڏينهن اسان جي ڀائرن نثار ۽ مقصود احمد سهتو اسان جي ننڍي ڀيڻ سمرين اختر کي لوها سريا هڻي کيس رتو رت ڪري ٻانهن ڀڃي ڇڏي آهي جنهن کي اسان ڀائرن جي ظلم کان بچائڻ جي لاءِ ڇڏائڻ جي لاءِ اڳتي وڌيون آهيون ته هنن اسان جي مٿان به تشدد ڪيو آهي اسان اهڙي دانهن نوشهروفيروز ٿاڻي جي ايس ايڇ او حنيف مهر وٽ کڻي ويون آهيون ته اهو اسان جو ڪيس وٺن جي لاءِ تيار ناهي ۽ چوي ٿو اوهان جا پنهنجا ذاتي مسئلا آهن پوليس ڪجهه نه ڪندي جنهن جي جواب ملڻ کان پوءِ مجبور ٿي پريس ڪلب نوشهروفييروز اڳيان احتجاج ڪري رهيون آهيون اصل ۾ ڀائر اسان کي پنهنجي پيءُ غبدالغفار سهتو پاران خريد ڪيل جڳهه مان اٿارڻ چاهن ٿا هنن روئيندي چيو ته ڇا ڌيئر پنهنجي پيءُ جي ملڪيت مان حصو ڪون ٿيون لهڻن جڏهن ته اسان جي وڏي ڀيڻ نسيم کي پنهنجي ڀاءُ جي عيوضي ۾ پيءُ ڏنو هو جنهن کي سندس مڙس طلاق ڏئي ڇڏي آهي ۽ ٻئي ڀيڻ سمرين هن وقت تائين اڃان شادي ناهي ڪئي جيڪڏهن گهر مان ٻاهر نڪرنديون ته هو ڪنهن جي در تي وڃي رهنديون جڏهن ته اسان جا ڀائر سڀ نوڪرين ۽ ڪاروبار سان لڳل آهن ان جي باوجود به ڀينرن کي گهران ڪڍڻ واري ضد تي قائم آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو