دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جامع آپريشن جو فيصلو

دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جامع آپريشن جو فيصلو

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر ) قومي سلامتي ڪائونسل پاڪستان مان دهشتگردي جي انت تائين پنهنجون ڪارروايون جاري رکڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان سان نرم دل ۽ بنا سوچ ويچار تي ٻڌل پاليسي عوامي اميدن ۽ خواهشن جي بلڪل خلاف آهي جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگردن کي بنا رنڊڪ واپس اچڻ جي نه رڳو اجازت ڏني وئي پر تحريڪ طالبان پاڪستان جي خطرناڪ دهشتگردن کي اعتماد سازي جي نالي تي جيلن مان آزاد به ڪيو ويو واپس ايندڙ انهن خطرناڪ دهشتگردن ۽ افغانستان ۾ وڌي انگ ۾موجود مختلف دهشتگرد تنطيمن پاران مدد ملڻ جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام منتشر ٿيو جيڪو اڻ ڳڻين قربانين ۽ لاڳيتون ڪاوشن جو ثمر هو وڌندڙ نفرت معاشري ۾ورڇ ۽ پردي پٺيان حدفن جي آڙ ۾ رياستي ادارن ۽ ان جي قيادت جي خلاف بيروني اسپانسرڊ زهريلو پروپيگنڊا سوشل ميڊيا تي ڦهلائڻ جي ڪوششن جي سخت مذمت ڪريون ٿا ان سان قومي سلامتي متاثر ٿئي ٿي شهيدن جي عظيم قربانين ۽ لاڳيتو ڪاوشن سان حاصل ٿيل امن امان کي برقرار رکڻ لا3 هر ممڪن ڪوشش ڪئيويندي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل پڌرائي مطابق قومي سلامتي ڪائونسل جو 41هون اجلاس جمعي تي وزيراعظم هائوس ۾ٿيو وزيراعظم اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ وفاقي وزير چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ لاڳاپيل اعليٰ ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي هي اجلاس 2 جنوري 2023 تي پشاور پوليس لائينز ۾ دهشتگردي جي حملي کان پوءِ ڪوٺايل قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي تسلسل ۾ ٿيو اجلاس جي شروعات ۾ 7 اپريل 2012 تي سانحو گياري سيڪٽر جيشهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو اجلاس جامع قومي سلامتي تي زور ڏنو جنهن ۾ عوام جيرليف کي مرڪزي هيثيت قرار ڏنو ويو ۽ فورم کي ٻڌايو ويو ته حڪومت ان ڏس ۾ قدم کڻي رهي آهي اجلاس قوم کي جٽادار امن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين ۽ ڪاوشن جو اعتراف ڪيو فورم پاڪستان مان دهشتگردي جي انت تائين پنهنجون ڪارروايون جاري رکڻ جو عزم ڪيو اجلاس پوري قوم ۽ حڪومت سان گڏجي جامع آپريشن شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني. پڌرائي مطابق پاڪتان مان هر طرح ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي ناسور جي انت لاءِ جامع آپريشن ۾ سياسي سفارتي سيڪيورٽي معاشي ۽ سماجي سطح تي ڪوششون شامل هونديون ان ڏس ۾ اعليٰ سطح جي هڪ ڪميٽي جوڙي به وئي جيڪا ٻن هفتن ۾ ان تي عملدرامد ۽ ان جي حدن بابت سفارشون پيش ڪندي اجلاس ۾ مقتدر انٽيلجنس ايجنسي جي ڪامياب آپريشن کي گهڻو ساراهيو ويو جنهن ۾ انهن گهربل دهشتگرد گلزار امام عرف شنبي کي گرفتارڪيو گرفتار جيڪو دهشتگرد بلوچ نيشنل آرمي ۽ براس جي باني ۽ اڳواڻ ۽ هڪعرصي کان مختلف دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث هو.

پهنجو تبصرو موڪليو